اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر طلال چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته ثاقب نثار مون کي پيغام موڪليو ته نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف بيان ڏيو، چيو ويو بيان ڏيندئو ته پارليامينٽ ويندئو نه ته جيل ويندئو.
سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي طلال چوڌري چيو ته عدالت جو وقار آئين ٺاهيندڙن کي نه آئين ٽوڙيندڙن کي سزا ڏيڻ سان بلند ٿيندو، اسان سدائين عدالتي فيصلن جو احترام ڪيو ۽ اسان کي توهين عدالت جا نوٽيس مليا پر اسان کليل دل سان منهن ڏيو.
هن چيو توهان سسيلين مافيا، گاڊ فادر ۽ پراڪسي جهڙا لفظ چوندئو ته ڪير برداشت ڪندو، ثاقب نثار مون کي پيغام موڪليو ته نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف بيان ڏيو، ائين ڪندئو ته پارليامينٽ نه ته جيل ويندئو، منهنجي نظرثاني درخواست ان ئي ڏينهن لڳي هئي جنهن ڏينهن جنرل باجوا جي واڌ جو ڪيس لڳو هو، مون جهڙي ڪارڪن کي معافي نه ملي هئي، جنرل باجوا کي واڌ ملي وئي.
talalchaudhry pmln nawazsharif