بالي ووڊ جو ڪنجوس اداڪار ڪير؟ فرح خان ٻڌائي ڇڏيو

مشهور ڀارتي فلمساز ڀارتي فلم انڊسٽري جي سڀ کان ڪنجوس اداڪار جو نالو ٻڌائي شوقينن کي حيران ڪري ڇڏيو.
فرح خان ۽ انيل ڪپور جلد نيٽ فلڪس جي دي گريٽ انڊين ڪپل شو ۾ بطور مهمان شرڪت ڪندا.
تازو ئي ان شو جي نئين قسط جو پرومو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ ميزبان ڪپل شرما شو دوران فرح خان کان اهو سوال پڇندي نظر اچي رهيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ ڪنجوس اداڪار ڪير آهي؟ اوهان يا انيل ڪپور؟
فرح خان هن سوال جو جواب ڏيندي چيو ته مان هر ڪنهن کي ٻڌائيندي آهيان ته انڊسٽري ۾ وڌيڪ ڪنجوس اداڪارا چنڪي پانڊي آهي.
هن شو دوران چنڪي پانڊي کي فون ڪري 500 رپيا گهريا ته جواب مليو اوهان کي پيسا کپن ته اي ٽي ايم وڃو.
چنڪي پانڊي جو جواب ٻڌي فرح خان جو چوڻ هو ته 500 ناهن ته گهٽ ۾ گهٽ 50 رپيا ئي ڏئي ڇڏيو جنهن تي چنڪي پانڊي فون تي آواز نه اچڻ جو ناٽڪ شروع ڪري ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.