پاڪستاني ڊرامن جا اسڪرپٽ سٺا ناهن:نبيل ظفر

پاڪستاني ڊراما انڊسٽري کي ڪيترن ئي بلاڪ بسٽر ڊراما سيريلز ڏيڻ واري اداڪار، پروڊيوسر ۽ اسڪرين رائٽر نبيل ظفر چيو آهي ته مان ڊرامن ۾ ڪڏهن به پيءُ جو ڪردار ڪاسٽ نه ڪندس.
مشهور ڪاميڊي ڊراما سيريل بلبلي جي مرڪزي ڪردار اداڪار نبيل ظفر تازو ئي ڊجيٽل پليٽ فارم لاءِ هڪ پوڊ ڪاسٽ رڪارڊ ڪرائي آهي.
پوڊڪاسٽ ۾ پنهنجي دلچسپ انٽرويو دوران اداڪار شڪايت ڪندي چيو ته ڊرامن ۾ اسڪرپٽ مضبوط ۽ منفرد ناهن رهيا، مان سٺي اسڪرپٽ جي انتظار ۾ آهيان، جڏهن تائين سٺو اسڪرپٽ نه ملندو تيستائين ڪردار لاءِ ها نه ڪندس.
اداڪار ڊرامن ۾ وڌيڪ ڪم نه ڪرڻ ۽ آن اسڪرين والد جو ڪردار ادا نه ڪرڻ سان بابت ڳالهائيندي چيو ته هاڻي اهو حال ٿي ويو آهي ته جڏهن ڪا فلم ڪامياب نه ٿيندي آهي ته ان فلم جو اسڪرپٽ کڻي ڊرامو بڻايو ويندو آهي، ڊرامن کي فلم بڻائڻ غلط آهي.
اداڪار نبيل پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي آخر ۾ چيو ته غلطي صرف اها آهي ته اسان 80 نيوز چينلز ٺاهي ڇڏيا آهن، اصل ۾ 80 انٽرٽينمينٽ جا چينلز هجڻ گهرجن.

PakistanDramas NabeelZafar Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.