واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪي حڪومت بنگلاديش جي اڳوڻي آرمي چيف جنرل عزيز احمد ۽ سندس خاندان جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، پابندين جو اعلان ڪندي آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ هڪ بيان ۾ چيو ته هو ڪرپشن ۾ ملوث آهي ۽ سندس عملن بنگلاديش جي جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪيو ۽ سرڪاري ادارن تي عوام جو اعتماد گهٽايو. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”جنرل عزيز احمد پنهنجي ڀاءُ جي به احتساب کان بچڻ لاءِ مدد ڪئي، هنن گڏجي فوجي ڪانٽريڪٽ ۾ بي ضابطگيون ڪيون ۽ پنهنجي ذاتي فائدن لاءِ سرڪاري عهدن تي مقررين ۽ بدلين ۾ رشوت ورتي.