ڪشمور ۾ هندو پنچائت جو چڱو مڙس حملي ۾ زخمي

ڪشمور(ڊ ر) ڪشمور ھندو پنچائت جي چوڌري نريش ڪمار ڪيسواڻي مٿان ڏنڊا بردار ھندو برادري جي ماڻهن جي حملي بعد ڳڻتي جوڳي  حالت ۾ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي ٿيل چوڌري نريش جي وارثن اميش ڪمار ڪيسواڻي ٻڌايو ته جوابدار سلامت راءِ راماڻي ۽ ان جي پٽ اوي ڪمار راماڻي گردوارا صاحب ڀرسان رستي ويندي منهنجي ڀاءُ تي لٺين سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي جوابدارن سان ڪي به اختلاف نه ھئا بلاجواز ڀاءُ کي زخمي ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي ھندو برادري ۾ چئوٻول آهن ته ڪجهه وقت اڳ پلاٽ جڳھه معاملي تان ھندو برادري جي ٻن ڌرين منصک ڪمار ۽ سلامت راءِ ۾ اختلاف ٿيا ھئا، جنهن بعد سلامت راءِ طرفان ھندو پنچائت جي چڱي مڙس چوڌري نريش ڪمار مٿان ھڪ ڌر جي حمايت ڪري مالي نقصان پهچائڻ جو الزام لڳايو ويو هو، جنهن جي پلاند ۾ اڄ چوڌري نريش ڪمار ڪيسواڻي کي مٿي ۾ لٺيون ھڻي سخت زخمي ڪري جوابدار فرار ٿي ويا آهن اھڙي اطلاع بعد ھندو برادري جي سوين ماڻهن سميت پ پ ايم اين اي سردار علي جان مزاري ۽ شھري وڏي انگ ۾ خانگي اسپتال پهچي ھندو برادري جي چڱي مڙس چوڌري نريش جي عيادت ڪئي ۽ جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف فراهم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي ڪشمور پوليس جوابدارن جي گھر تي ڇاپا هنيا ويا جوابدار گھر ڇڏي فرار ٿي ويا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.