اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو. ذريعن موجب، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پي اي سي ۾ حڪومت جا 16 ۽ سني اتحاد ڪائونسل سميت مخالف ڌر جا 8 ميمبر شامل ٿيڻ جو امڪان آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قاعدن يا قانون ۾ اهڙو ڪو به ذڪر ناهي ته چيئرمين پي اي سي اپوزيشن مان هوندو، پر ماضي ۾ ڪڏهن به چيئرمين پي اي سي جي عهدي لاءِ ووٽنگ ناهي ٿي. سني اتحاد ڪائونسل شيخ وقاص کي نامزد ڪيو آهي.