اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن اجلاس طلب ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ ۾ وڌيڪ 3 ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 7 جون تي طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن 3 ججن جي مقرري لاءِ 9 ججن جي نالن تي غور ڪندي، ججن جي مقرري لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جا نالا غور هيٺ ايندا.
ذريعن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 3 ججن جا نالا به سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ غور هيٺ ايندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جن نالن تي غور ڪيو ويندو، انهن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد جو نالو به شامل آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي جي نالي تي به غور ڪيو ويندو.
supremecourtofpakistan chiefjustice qazifaezesa