ستر جي ڏهاڪي جي مشهور جوڙي ريکا ۽ اميتاڀ هڪٻئي کان پري ڇو ٿي ويا؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار رنجيت بيدي انڪشاف ڪيو آهي ته سرڳواسي اداڪارا پروين بابي کيس ٻڌايو هو ته فلم ” سلسلا “ ۾ جيا بچن جي ڪري هن کان مرڪزي ڪردار کسيو ويو هو.
رنجيت دعويٰ ڪئي آهي ته فلمساز يش چوپڙا آخري موقعي تي جيا کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ريکا ۽ اميتاڀ ۽ جيا بچن جي لوَ ٽرائينگل سبب ڪيو هو.
واضح رهي ته ان دوران ريکا ۽ اميتاڀ ۾ستر واري ڏهاڪي دوران ويجهڙائي جا افواهه گرم هئا ۽ فلم سلسلا جي ڪهاڻي به ڪجهه ان ريت ئي هئي جنهن سبب پروين بابي جي جاءِ تي جيا بچن کي ڪاسٽ ڪيو ويو.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته سلسلا اميتاڀ بچن ۽ ريکا جي آخري فلم هئي ۽ فلم جي ڪهاڻي ٻنهي جي حقيقي زندگي سان گهڻي هڪجهڙائي رکندڙ هئي.
سلسلا کانپوءِ مسٽر نٽور لال، دو انجاني ۽ مقدر ڪا سڪندر جهڙي بلاڪ باسٽر فلمن جي اسٽار جوڙي ريکا ۽ اميتاڀ وري ڪڏهن به ڪنهن فلم ۾ گڏ ڪم نه ڪيو.
1978 ۾ هڪ تڪراري انٽرويو دوران اداڪارا ريکا دعويٰ ڪئي هئي ته هن اميتاڀ بچن جي گهرواري اداڪارا جيا بچن کي پرڪاش مهرا جي فلم مقدر ڪا سڪندر ۾ اميتاڀ بچن ۽ پنهنجي رومانوي منظر ڏسندي روئندي ڏٺو هو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته فلم مقدر ڪا سڪندر جي ٽريلر لانچ جي موقعي تي سمورو بچن ڪٽنب موجود هو، مان پروجيڪشن روم ذريعي بچن فيملي کي ڏسي رهي هئس.
واضح رهي ته ائين چيو ويندو آهي ته اميتاڀ ۽ ريکا جو وري ٻيهر فلمي پردي تي ڪم نه ڪرڻ پٺيان مبينا طور اِهو ئي سبب ٿي سگهي ٿو.

AmitabhBachchan Rekha Bollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.