پرائمري اسڪول ۾ عورت جو ٻارن ۽ استادن تي حملو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني صوبي جيانگسي جي شهر گوئيسي ۾ قانون بردار عورت پرائمري اسڪول اندر گهڙي ٻارن ۽ استادن تي حملو ڪري ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب 45 ورهين جي عورت چاقو سان حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس پهچي کيس گرفتار ڪري ورتو.
واقعي ۾ درجن کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو، جتي ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

china school beijing

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.