امان نه هجي ها ته مان نه هجان ها: اي آر رحمان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) عالمي شهرت يافته ڀارتي موسيقار ۽ راڳي اي آر رحمان انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڪاميابي پٺيان هن جي ماءُ جو اهم ڪردار آهي.
پنهنجي هڪ انٽرويوءَ دوران اي آر رحمان پنهنجي فني سفر جي شروعاتي ڏينهن جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن هن پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو ته وٽس ميوزڪ اسٽوڊيو ٺاهڻ لاءِ پئسا نه هئا.
سندس چوڻ هو هڪ خالي ڪمري ۾ قالين تي ويهندو هو ڇو ته وٽس ڪجهه خريدڻ به پئسا نه هئا.
ڀارتي گلوڪار چيو ته ان وقت سندس ماءُ کيس آٿت ۽ اتساهه ڏيندي پنهنجا زيور گروي رکي مون کي ڪجهه رقم ڏني.
هن چيو ته ماءُ جي پئسن مان هن اسٽوڊيو ٺاهيو ۽ موسيقي جو سامان خريد ڪيو جنهن بعد ڪيئي گيت ترتيب ڏنا جيڪي گهڻو مشهور ٿيا.
اي آر رحمان وڌيڪ چيو ته هو تمام ننڍڙو هو جڏهن سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کانپوءِ امڙ اڪيلي سر اسان جي پالنا ڪئي.

AR Rahman  Bollywood Memorise

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.