گُل پانڙا جي گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ همراهه سان ڇا ٿيو؟

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشتو گلوڪارا گُل پانڙا جي گهر ۾ هڪ همراهه گهڙڻ ڪوشش ڪئي.
پوليس موجب، گلوڪارا گل پانڙا طرفان واقعي جي شڪايت داخل ڪرائي وئي هئي جنهن کانپوءِ سندس ڀاءَ جي فرياد تي اوڀر ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
پوليس موجب، جوابدار عبدالله کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار ڊفينس ڪالوني ۾ گلوڪارا جي گهر ٻاهران ويٺو هوندو هو.
پوليس موجب، گذريل ڏينهن جوابدار گلوڪارا جي گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جڏهن ته جوابدار ٽي ڀيرا اڳ به جيل جي هوا کائي چڪو آهي.

Gulpanra Showbiz Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.