ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا يامي گوتم پٽ کي جنم ڏئي ڇڏيو.
يامي گوتم ۽ سندس مڙس ادتيا ڌر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي گڏيل پوسٽ شيئر ڪندي پٽ جي پيدائش جو اعلان ڪيو.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هو پنهنجي پٽ ” ويداود “ جي پيدائش جو اعلان ڪندي تمام گهڻي پرجوش آهي، جنهن هندو مذهب جي خاص ڏڻ تي هن دنيا ۾ اکيون کوليون.
جوڙي پاران پوسٽ ۾ مداحن کان ٻار کي دعائن ۾ ياد رکڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هو والدين بڻجڻ جي خوبصورت سفر جي شروعات ڪري رهيا آهن، پٽ جي روشن مستقبل جا منتظر آهيون.
ياد رهي ته اداڪارا يامي گوتم جون 2021ع ۾ ڀارتي ليکڪ، هدايتڪار ۽ نغمه نگار ادتيا ڌر سان پسند جو پرڻو ڪيو هو.
Yamigautam Bollywood Babyboy