اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس مان پي ٽي آءِ باني عمران خان، اڳوڻن وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو.
جڊيشل مئجسٽريٽ سيشن عدالت شهزاد خان لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ آزادي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي علي نواز اعواڻ، فيصل جاويد، قاسم سوري ۽ راجا خرم نواز کي به آجو ڪري ڇڏيو.
imrankhan shahmehmoodqureshi sheikhrasheed