اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ گوگل ميپس جي ڊيزائن تبديل

گوگل پنهنجي مشهور ترين سروس ميپس جي ڊيزائن کي اَپ ڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي.
گوگل طرفان ميپس جي نئين ڊيزائن کي هوريان هوريان اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
نئين ڊيزائن ۾ گوگل ميپس جي هيٺان موجود بار ۾ ٽيبز جو انگ گهٽايو ويو آهي ۽ هاڻ اتي رڳو 3 ٽيبز نظر اينديون.
ان کان پهريان گوگل ميپس بار ۾ پنج ٽيبز هونديون هيون پر هاڻ رڳو You، Explore ۽ Contribute ٽيبز موجود هونديون.
” يو “ ٽيب ۾ پراڻي ورجن جي گو، سيوڊ ۽ اَپ ڊيٽس ٽيبز کي شامل ڪيو ويو آهي، ٽيب ۾ سرچ بار موجود ناهي جڏهن ته نوٽيفڪيشنز ۽ بزنس ميسجز تائين رسائي اسڪرين جي مٿان ساڄي ڪُنڊ ذريعي ٿيندي.
سموري دنيا ۾ ڪروڙين واهپيدار گوگل ميپس استعمال ڪري رهيا آهن، انڪري ميپس ۾ اوچتو تبديلي گهڻن ماڻهن کي ٻڏتر جو شڪار ڪري سگهي ٿي.

#Android #Googlemap #Update

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.