ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل هلندڙ سال جي آخر ۾ متعارف ڪرائي ويندڙ ڪيترن ئي فيچرز جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل فهرست ۾ آءِ ٽريڪنگ، ميوزڪ هيپٽڪس، ووڪل شارٽ ڪٽس اينڊ وهيڪل موشن ڪيوز شامل آهن.
سمورن فيچرز ۾ آءِ ٽريڪنگ فيچر ڪمپني طرفان پيش ڪيل هڪ نئين تبديلي هوندي، مصنوعي ذهانت سان هلڻ وارو اهو فيچر آءِ فون ۽ آءِ پيڊ واهپيدارکي ڊيوائس اکين سان ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.
اهو فيچر جسماني طور تي معذور واهپيدارن لاءِ ٺاهيو ويو آهي جيڪي هن ذريعي پنهنجي ڊيوائسز کي آساني سان استعمال ڪري سگهندا.
فيچر لاءِ ڊيوائسز نصب فرنٽ ڪيمرا ڪجهه سيڪنڊن ۾ آءِ ٽريڪنگ جي پيمائش ڪري وٺندو.
فيچر لاءِ پرائيويسي جو خاص خيال رکيو ويو آهي، ان لاءِ آءِ ٽريڪنگ جي حوالي سان جيڪو به ڊيٽا استعمال ڪيو ويندو اهو ڊيوائس تائين ئي محدود رهندو، ايتري قدر جي اهو ايپل سان به شيئر نه ڪيو ويندو.
اهو فيچر آءِ پيڊ ۽ او ايس آر تي سمورن ايپس لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
Apple IPhone Disabled