سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته 3 مهينن ۾ تبديلي جا اثر هر سطح تي محسوس ڪيا پيا وڃن.
سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته معيشت ساهه کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستانين جي زندگين ۾ وڏي تبديلي ايندي، مخالف نٿا چاهين ته ملڪ پيرن تي بيهي، انهن جيڪا ڦرلٽ ڪئي ان جو احتساب ٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ هڪ نئون قيادت ڪري رهيو آهي، اسان کي اميد آهي ته نه رڳو پنجاب پر سڄي ملڪ جو مستقبل نون هٿن ۾ منتقل ٿي رهيو آهي.
khawajaasif PMLN Pakistan