تلنگانا(ويب ڊيسڪ) ڪنڙ ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا پويترا جي رام ڪار حادثي ۾ موت جي ڪجهه ڏينهن بعد سندس ساٿي اداڪار چندراڪانت عرف چندو به مبينا طور تي خودڪشي ڪري ڇڏي.
ڀارتي خابرو اداري موجب تيلگو اداڪار چندراڪانت رياست تلنگانا جي شهر الڪاپور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
اداڪار جي والد پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اداڪارا پويترا جي حادثاتي موت بعد سندس پٽ ذهني دٻاءُ جو شڪار هو، اداڪارا جي اچانڪ موت چندراڪات کي صدمي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو ئي هن جي آپگهات جو سبب بڻيو آهي.
پوليس جو چوڻ هو ته اداڪار چندراڪانت انهي گهر ۾ آپگهات ڪيو جتي هوءَ اداڪارا سان رهائش پذير هو.
ٻئي پاسي ڀارتي خابرو موجب پويترا جي موت بعد چندراڪانت هڪ انٽريو ۾ انڪشاف ڪيو هو ته هو جلد پنهنجي رشتي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي.
Bollywood Actress india