سنڌ ۾ انٽر جي امتحانن جي تاريخ تبديل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هيٽ ويو کي ڏسندي سنڌ ۾ انٽرميڊئيٽ جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن.
وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه يونيورسٽين ۽ بورڊز جي وزير محمد علي ملڪاڻي جي سفارش تي انٽرميڊئيٽ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏني.
ترجمان چيو ته انٽر جا امتحان 22 مئي بدران هاڻ 27 مئي کان شروع ٿيندا، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ گرمي جي سخت لهر آهي ۽ موسميات کاتي طرفان هيٽ ويو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

#sindhgovt #PPP #Muradalishah

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.