آفريقي ملڪ عوامي جمهوريه ڪانگو ۾ فوج صدر فليڪس شيٽ سڪيڊ خلاف ٿيندڙ بغاوت جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب عوامي جمهوريه ڪانگو ۾ اڄ صبح بغاوت جي ڪوشش ۾ هڪ باغي ۽ ٻه سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي شڪين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته موقعي تي موجود شاهدن موجب فوجي لباس ۾ 20 جي لڳ ڀڳ ماڻهن ڪانگو جي صدر جي اهم اتحادي ۽ اسپيڪرشپ جي اميدوار وائٽل ڪامهيري جي رهائشگاهه تي حملو ڪيو، جنهن کي اتي موجود سيڪيورٽي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
عوامي جمهوريه ڪانگو جي فوجي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان بغاوت جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ هاڻ حالتون ڪنٽرول ۾ آهن.
#RepublicoftheCongo #Congo #Africa