پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت سياحن لاءِ هيلي ڪاپٽر سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪي پي جي سياحت بابت صلاحڪار زاهد چن زيب چيو ته هيلي ڪاپٽر سروس جي شروعات چترال جي سياحتي ماڳن کان ٿيندي ۽ ان کانپوءِ ٻين سياحتي ماڳن تي به هيلي ڪاپٽر سروس شروع ڪئي ويندي.
هن چيو ته نٿيا گلي ۾ ايليٽ ايڊوانچر ٿيم پارڪ جو افتتاح ڪيو ويو آهي، پارڪ ۾ 8 آئوٽ ڊور ۽ 40 انڊور سياحتي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.
ان حوالي سان ٽورازم اٿارٽي ڪي پي جي ترجمان ٻڌايو ته جيڪي سياح هيلي ڪاپٽر استعمال ڪندو، ان جي پنهنجي چارجز هوندي، ان حوالي سان ايوي ايشن وارن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ ان کانپوءِ شيڊيول طئي ٿيندو ۽ ڪرايو مختص ڪيو ويندو.
#KPK #Pakistan #khyberpakhtunkhwa