ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورنگي ڪاز وي تي ڪچرو اڇلائڻ تي وڏي وزير مراد علي شاهه ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو.
ايس ايڇ او جي ڪورنگي ڪاز وي تي ڪچرو ڊمپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي مراد علي شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي ايس ايڇ او کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
وڏي وزير ايس ايس پي کي ڪورنگي ڪاز وي تي پنهنجي ڪئمپ آفيس ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪورنگي ڪاز وي تي ڪنهن ڪچرو اڇلايو ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي خلاف ڪارروائي ٿيندي.
ان کان اڳ مراد علي شاهه ميگا پراجيڪٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪورنگي ڪاز وي جو دورو ڪيو، کيس پل جي تعمير بابت بريفنگ ڏني وئي، وڏي وزير ڪم تيز رفتاري سان ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
#Muradalishah #cmsindh #PPP