”شوقين ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم مان بهتر نتيجن جي اميد نه رکن“

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ ڪپتان محمد حفيظ چيو آهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پاڪستان لاءِ ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو.
هڪ مقامي ٽي وي چئنل تي گفتگو ڪندي محمد حفيظ چيو ته پاڪستاني طور منهنجي دل سدائين گرين شرٽس جي حق ۾ رهندي ڀلي انهن جي ڪارڪردگي ڪهڙي به هجي پر حقيقتن کي ڏسي ڳالهه ڪجي ته ورلڊ ڪپ پاڪستان لاءِ ڏکيو هوندو.
هن ٽاپ فور ٽيمن جي اڳڪٿي ڪندي چيو ته منهنجي خيال ۾ پاڪستان، ڀارت، ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جون ٽيمون جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ نيوزيلينڊ جي سي ٽيم خلاف سيريز برابر ٿيڻ ۽ آئرلينڊ هٿان پهرين ميچ ۾ شڪست ٻڌائي رهي آهي ته شوقين بهتر نتيجن جي اميد نه رکن.

#Pakistancricketteam #mohammadhafeez #ICC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.