ٽوائليٽ ۾ فون استعمال ڪندڙ خبردار! وڏو نقصان ٿئي ٿو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ماڻهو ٽوائليٽ ۾ به فون گڏ کڻي ويندا آهن، اهڙن ماڻهن لاءِ هڪ ڊاڪٽر سخت وارننگ جاري ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گيسٽرو اينٿرولاجسٽ ڊاڪٽر جوزف سلهب چيو آهي ته ٽوائليٽ ۾ موبائل فون استعمال ڪرڻ سان موڪ سميت ٻيا مرض جنم وٺي سگهن ٿا.
هن چيو ته ٽوائليٽ ۾ فون استعمال ڪندڙ ماڻهو وڌيڪ وقت ويهي رهندا آهن، ان سان پوندڙ غير ضروري دٻاءُ موڪن ۽ ٻين عارضن جو سبب بڻجي ٿو.
پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيل وڊيو ۾ ڊاڪٽر جوزف ٻڌايو ته اهڙن ماڻهن جي موبائل فون به ٽوائليٽ ۾ موجود انتهائي نقصانڪار جراثيمن جي آماجگاهه بڻجي ويندي آهي، جيڪي ٻين بيمارين کي جنم ڏيندا آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان کي ٽوائليٽ ۾ گهٽ کان گهٽ وقت گذارڻ گهرجي ته جيئن اسان جي خاص عضون تي وڌيڪ دٻاءُ نه پئي ۽ ان وقت کي گهٽ ڪرڻ جو سڀ کان بهتر طريقو اهو آهي ته ٽوائليٽ ۾ موبائل فون جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.