معاشي مسئلن جو شڪار پاڪستانين گذريل 10 مهينن ۾ چانهه تي ڪيترا پئسا خرچ ڪيا؟ ڇرڪائيندڙ انگ اکر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) معاشي مسئلن جو شڪار پاڪستاني گذريل 10 مهينن ۾ 54 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ جي چانهه پي ويا.
ڳڻپ کاتي موجب هلندڙ مالي سال جي 10 مهينن ۾ 54 ڪروڙ 74 لک ڊالر پتي جي درآمد تي خرچ ڪيا ويا، جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي 10 مهينن ۾ 46 ڪروڙ 76 لک ڊالر ماليت جي پتي درآمد ٿي هئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي 10 مهينن ۾ 15 سيڪڙو واڌ سان 2 لک 19 هزار 66 ٽن پتي درآمد ٿي، گذريل مالي سال جي 10 مهينن ۾ هڪ لک 90 هزار 830 ٽن پتي درآمد ڪئي وئي هئي.
مارڇ 2024 جي ڀيٽ ۾ اپريل 2024 ۾ پتي جي درآمد ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، اپريل ۾ 5 ڪروڙ 22 لک ڊالر ماليت جي پتي درآمد ڪئي وئي، جڏهن ته مارچ ۾ 5 ڪروڙ 85 لک ڊالر ماليت جي پتي درآمد ڪئي وئي هئي.

#Pakistan #Tea #PakistanBureauofStatistics

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.