ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا عائزا خان چيو آهي ته فلسطين سدائين اسان جي دلين ۽ ذهن ۾ رهندو آهي.
عائزا خان سوشل ميڊيا تي مسجد اقصيٰ جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته فلسطين سدائين اسان جي دلين ۽ ذهن ۾ رهندو آهي، فلسطين کي آزاد ڪيو.
اداڪارا جو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن فلسطين جي حق ۾ آواز نه اٿارڻ تي اداڪارن خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وڃي.
#Ayezakhan #Pakistan #lollywood