ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 21 مئي کان 27 مئي تائين سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گرمي جي لهر جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي گرمي جي لهر کان بچڻ لاءِ حفاظتي قدمن بابت ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.
ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ وارڊ قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن گرمي جي لهر کي منهن ڏئي سگهجي.
گرمي جي لهر کي نظر ۾ رکندي سرڪاري اسپتالن جي انتظاميا ۽ طبي عملي کي وڌيڪ سرگرم رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
جناح اسپتال ۾ 20 بسترن تي ٻڌل هيٽ اسٽروڪ وارڊ قائم ڪيو ويو آهي، جتي روزانو 8 کان 10 گرمي جا مريض اچي رهيا آهن.
سخت بيمار مريضن جي علاج لاءِ 10 بسترن جو الڳ وارڊ قائم ڪيو ويو آهي.