ايڪس ۾ هڪ ٻي وڏي تبديلي

مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر جي نالي کانپوءِ هاڻ ان جو ڊيمين نيم معنيٰ ”يو آر ايل“ به تبديل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ٽيسلا، اسپيس ايڪس ۽ ٻين ملٽي نيشنل ڪمپنين جي سربراهه ايلون مسڪ 2022 ۾ 44 ارب ڊالرن ۾ ٽوئيٽر خريد ڪيو هو.
پوءِ ايلون مسڪ ان ويب سائيٽ جو نالو ٽوئيٽر مان تبديل ڪري ايڪس رکندي ان جو لوگو به تبديل ڪري ڇڏيو هو.
هاڻ ان جو ڊومين نيم (يو آر ايل) به تبديل ڪري ”ايڪس ڊاٽ ڪام“ ڪيو ويو آهي.
ايلون مسڪ ٽوئيٽر ڊاٽ ڪام کي نئين يو آر ايل ايڪس ڊاٽ ڪام تي شفٽ ڪندي پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي باقاعدي هڪ پيغام شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن لکيو ته ”سمورا اهم سسٽمز هاڻ ايڪس ڊاٽ ڪام تي آهن“.

#twitter #elonmusk #x.com

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.