مانسهرا ۾ سياحن جي جيپ کاهيءَ ۾ ڪرڻ سان ٻه شاگردياڻيون فوت، استادن سميت 7 زخمي

مانسهرا (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي مانسهرا ۾ سياحن جي جيپ کاهيءَ ۾ ڪرڻ سان ٻه شاگردياڻيون فوت، جڏهن ته 3 پروفيسرن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثو ڪيوائي واري هنڌ پيش آيو، جتي هري پور کان تفريحي ماڳ شوگران ويندڙ سياحن جي جيپ ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري کاهيءَ ۾ ڪِري پئي.
حادثي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج هري پور جون ٻه شاگردياڻيون زرمينه ۽ حليمه ٿڏي تي فوت ٿي ويون، جڏهن ته ڪاليج جي ٽن پروفيسرن ۽ ڊرائيور سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب زخمين کي طبي امداد لاءِ بالاڪوٽ اسپتال نيو ويو.

#Mahsehra #khyberpakhtunkhwa #KPK

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.