ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پاڻي جي ذريعن ۽ رستن جي سروي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت سروي جو حڪم ملير ندي جي زمين تي اڏاوتن بابت ڪيس ۾ ڏنو.
عدالت حڪم ڏنو ته ڪراچي جي نالن جي سروي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن کي به آن بورڊ ورتو وڃي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو موقف آهي ته عمارت نالي تي قائم آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪي ايم سي انڪوائري کانپوءِ موقف اختيار ڪيو ته اتي ڪو نالو ناهي، سروي مڪمل ڪرڻ لاءِ سموري ديهه جو رڪارڊ ۽ نقشن جو جائزو ورتو ويو، ڪنهن به ترقياتي منصوبي سان پاڻي نيڪالي سميت پاڻي جا ذريعا متاثر نه ٿين.
عدالت چيو اهڙو ڪو منصوبو ٺهيو ته زميوار آفيسر خلاف فوجداري قانون تحت ڪارروائي ٿيندي، عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪيو وڃي نه ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
#sindhhighcourt #SBCA #KMC