انگلينڊ خلاف سيريز، پاڪستان وڏو فيصلو ڪري ورتو

ليڊز (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجمينٽ انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ مڪمل اسٽرينٿ ۽ ورلڊ ڪپ ڪامبينيشن سان ميدان ۾ لهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 22 کان 30 مئي تائين کيڏي ويندي ۽ ٻئي ٽيمون سيريز سبب ورلڊ ڪپ وارم اپ ميچون نه کيڏي سگهنديون.
ذريعن موجب انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ مڪمل اسٽرينٿ ۽ ورلڊ ڪپ ڪامبينيشن سان ميدان ۾ لهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر حتمي فيصلو هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن سان مشاورت کانپوءِ ٿيندو، هو سڀاڻي انگلينڊ ۾ قومي اسڪواڊ جوائن ڪندو.
پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 22 مئي تي ليڊز ۾ کيڏي ويندي، ذريعن موجب پهرين ميچ ۾ حارث رئوف ۽ عثمان خان کي کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، کين آئرلينڊ خلاف سيريز ۾ موقعو نه ڏنو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عثمان خان کي صائم ايوب جي جاءِ تي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته حارث رئوف وري حسن علي جي جاءِ والاريندو.
ذريعن موجب نسيم شاهه به پليئنگ اليون ۾ جاءِ ٺاهيندو، جڏهن ته هڪ فاسٽ بالر کي ويهاري شاداب يا ابرار کي کيڏائڻ جي آپشن تي به غور ڪيو پيو وڃي.

#Pakistancricketteam #PakvsEng #ICCMen’sT20WorldCup

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.