پاڪستان جي پهرين هٿ سان تيار ڪيل اينيميٽڊ فلم ”دي گلاس ورڪر“ ڪانز فيسٽيول ۾ پيش

پاڪستان جي پهرين هٿ سان تيار ڪيل اينيميٽڊ فلم ”دي گلاس ورڪر“ کي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيو ويو.
Annecy پريميئر کان اڳ ڳالهائيندي دي گلاس ورڪر جي ڊائريڪٽر عثمان رياض چيو ته هنن اهو سفر 10 سال اڳ 2014 ۾ شروع ڪيو هو، ڪنهن کي يقين نه هو ته اها فلم ايڏي شهرت حاصل ڪندي.
فلم جي پروڊيوسر خضر رياض چيو ته عالمي اينيميشن انڊسٽري طرفان فلم کي تسليم ڪرڻ هڪ خواب پورو ٿيڻ آهي.
واضح رهي ته اها فلم دي پاڪستاني ڪريسنٽ ڪليڪٽو طرفان تيار ڪيل آهي، جنهن کي عالمي سطح تي موٽ ملي رهي آهي.

#TheGlassworker #Pakistan #CannesFilmFestival

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.