ورلڊ ڪپ: بابر اعظم ۽ محمد رضوان فيڪٽري پهچي نيون بيٽون ٺهرائي ڇڏيون

لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ نيون بيٽون ٺهرائي ڇڏيون.
ٻئي ڪرڪيٽر پنهنجي بيٽن لاءِ انگلينڊ جي شهر ليڊز کان سسيڪس ويا، جتي بابر اعظم ۽ محمد رضوان ڪيترائي ڪلاڪ فيڪٽري ۾ گذاريا.
ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي وڏي سوچ ويچار کانپوءِ پنهنجي پسند ۽ ضرورت موجب بيٽون ٺهرايون.
ان حوالي سان ڪرڪيٽرن جو چوڻ آهي ته بيٽون پاڻ ٺهرايو ته کيڏڻ جو مزو به پنهنجو هوندو آهي.
واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ هن وقت انگلينڊ ۾ موجود آهي.

#Babarazam #Pakistancricketteam #ICC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.