قومي اسميبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا ڪوريج پابندي لڳائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسميبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا ڪوريج پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسپيڪر اسيمبلي جي گيٽ نمبر هڪ تي صحافين جي بيهڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي، صحافي ڪوريڊور ۾ ڪنهن ميمبر سان ڳالهائي به نه سگهندا.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ ۾ وي لاگر، يوٽيوبر ۽ ٽڪ ٽاڪرز جي داخلي تي پابندي لڳل آهي، صرف صحافي ئي ميڊيا سينٽر ۾ ڪنهن ميمبر سان ڳالهائي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.