آرمي چيف جي هاڪي ٽيم سان ملاقات، ڪارڪردگي جي واکاڻ

آرمي چيف جنرل عاصم منير اذلان شاهه هاڪي ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پاڪستاني هاڪي ٽيم سان ملاقات ڪري رانديگرن جي واکاڻ ڪئي.
آءِ ايس پي آءِ موجب پاڪستاني هاڪي ٽيم جا رانديگر جي ايڇ ڪيو راولپنڊي پهتا، ان موقعي تي آرمي چيف قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته هاڪي ٽيم تي قوم کي فخر آهي، هاڪي ٽيم جون مسلسل ڪاميابيون وڌائڻ لاءِ ڀرپور مدد ڪنداسين.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ صدر پي ايڇ ايف طارق حسين به شريڪ هو، جنهن ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان آرمي چيف جو شڪريو ادا ڪيو.
واضح رهي ته اذلان شاهه ٽورنامينٽ ۾ قومي هاڪي ٽيم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري هئي پر بدقسمتي سان ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جاپان کان شڪست نصيب بعد ٽورنامينٽ نه کٽي سگهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.