ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي امن امان جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، وڏي وزير جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي رپورٽ ڏني.
آءِ جي سنڌ جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ اسٽريٽ ڪرائم گهڻي حد تائين گهٽجي ويا آهن ۽ وڌيڪ ڪارروايون جاري آهن، جنوي ۾ روزانو اسٽريٽ ڪرائم جا 254 ڪيس داخل ٿيندا هئا، فيبروري ۾ 252 ۽ مارچ ۾ 245 ڪيس روزانو رجسٽر ٿيڻ لڳا.
آءِ جي سنڌ جي رپورٽ موجب مارچ ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا ڪيس گهٽجي روزانو 170 تائين اچي ويا.
آءِ جي سنڌ موجب وڏي وزير ڏوهن جي شرح کي وڌيڪ گهٽتائي ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي.
وڏي وزير آءِ سنڌ کي اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي جي هدايت جاري ڪندي چوري جي سامان جو ڪاروبار ڪندڙ ڪٻاڙين خلاف تفصيل به طلب ڪيا.
ان حوالي سان آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ٽي هزار ڪٻاڙي ڪم ڪري رهيا آهن، ٽن هزار ڪٻاڙين ۾ 354 چوري جي سامان جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن.
غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته چوري جو ڪاروبار ڪندڙ ڪٻاڙين خلاف 77 ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪيون ويون آهن، ڪيترن ئي ڪٻاڙين کان چوري جو سامان هٿ پڻ ڪيو ويو.
You might also like