اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي ڏهن مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري 93 سيڪڙو وڌي آهي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب اپريل ۾ ملڪ کان پرڏيهي سيڙپڪاري جي مد ۾ 60 ڪروڙ 47 لک ڊالر ڪڍيا ويا، نجي شعبي ۾ 37 ڪروڙ 51 لک ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي آهي.
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ ڪروڙ 63 لک ڊالرز جمع ٿيا آهن، سرڪاري شعبي ۾ ڊالر بانڊ جي ادائيگي سبب اپريل ۾ 97 ڪروڙ 99 لک ڊالر ڪڍيا ويا.
ڏهن مهينن جو مجموعي ٽي بلز سيڙپڪاري ڪڍڻ بعد 87 ڪروڙ 98 لک ڊالر آهي، جڏهن ته نجي شعبي ۾ هلندڙ سال ڏهه مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري 14 سيڪڙو وڌي ڏيڍ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي آهي، جنهن ۾ هڪ ارب 45 ڪروڙ براه راست جڏهن ته 8 ڪروڙ 12 لک ڊالر اسٽاڪ مارڪيٽ ذريعي آندا ويا آهن.
You might also like