اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ ۾ غير پارلياماني لفظ استعمال ڪيا آهن.پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ بلاول ڀٽو زرداري به فلور تي غير پارلياماني لفظ استعمال ڪيا.هن چيو ته بلاول ڀٽو اڄ پارليامينٽ کي غلط لفظن سان نوازيو، پ پ چيئرمين جي تربيت واقعي آصف زرداري صاحب ڪئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اڄ اسيمبلي اجلاس ۾ صدر آصف زرداري جي خطاب تي بحث جاري هو، اجلاس اڄ 8 وڳي تائين هلڻو هو پر بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب کانپوءِ ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي.هن چيو ته دنيا تي واضح ٿي ويو ته جمهوريت بابت سندس ڳالهيون نام نهاد آهن، بلاول ڀٽو جي تقرير دوران اپوزيشن شور مچايو پر ان باوجود ڊپٽي اسپيڪر پنهنجا لفظ حذف نه ڪيا.
-
9 مئي جي ڪيسن کي منهن ڏئي ٿڪجي پيا آهيون، هاڻي سزا ٻڌائي وڃي: شيخ رشيد
راولپنڊي ( م ڊ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته 9 مئي جي ڪيسن کي منهن ڏئي ٿڪجي پيا آهيون، هاڻي سزا ٻڌائي وڃي، شيخ رشيد صحافين سان ڳالهين دوران چيو ته 2 سالن کان تاريخون ڀوڳي رهيا آهيون، اسان جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، ٻارن کي تشدد جو نشانو بنايو ويو، پوليس وارا پئسا ۽ زيور به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.شيخ رشيد چيو ته ملڪ ۾ انصاف مذاق بڻجي ويو آهي الله کان پوءِ صرف عدليه ئي رهجي وئي آهي جنهن مان انصاف جي اميد آهي. هن چيو ته 9 مئي بابت جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو يا پوءِ اسان کي سزا ٻڌائي ڇڏيو.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ان کان بهتر آهي ته اسان کي سزا ٻڌائي ڇڏيو، اسان جي جان ڇڏيو، اسان جي خلاف ڪي به شاهديون نه آهن. عمران خان سان احترام جو تعلق آهي. ايندڙ پيشي تي ان سان ملاقات ٿيندي يا نه اها خبر نه آهي. موجوده حڪومت جي رنگ پسٽن ويهي چڪي آهي. پلڪ ۾ ڪچرو ڦاسي چڪو آهي جنهن جي ڪري انجڻ دونهون ڇڏي رهيو آهي. ملڪ جي عوام ڪشميرين جيان پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري.ان کان اڳ شيخ رشيد 9 مئي بابت سمورن ڪيسن ۾ ثبوت نه هجڻ جي آڌار تي بري ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي. عدالت شيخ رشيد جون درخواستون ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي پوليس کي نوٽيس جاري ڪيو ۽ ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايندڙ سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي.