چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سوشل ميڊيا تان فحش مواد هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سوشل ميڊيا تي  فيملي وي لاگنگ نالي تي فحش مواد ڦهلائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت ۾ پي ٽي اي جا وڪيل ۽ ٻيا ڌريون پيش ٿيو،عدالت درخواستگذار کان فحش مواد بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .عدالت پي ٽي اي کي سڌو سنئون فحش مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.پي ٽي اي جي وڪيل عدالت کي پيش رفت رپورٽ کان آگاهه ڪيو. پي ٽي اي جو وڪيل چيو ته سوشل ميڊيا تان 2 لک کان وڌيڪ مواد هٽايو ويو آهي، اسان وٽ غير قانوني ۽ فحش مواد پاڻمرادو ڊليٽ ڪرڻ جو ڪو نظام ناھي، عدالت پاران پي ٽي اي اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پي ٽي اي وڪيل سان مڪالمو ڪيو ته اهڙو سسٽم ٺاهيو وڃي ته جيئن پاڻمرادو غير قانوني ۽ فحش مواد ڊليٽ ٿي وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سوشل ميڊيا تان غير اخلاقي ۽ فحش مواد هٽايو وڃي. درخواست حسن بيگ طرفان ايڊووڪيٽ عثمان فاروق جي ذريعي داخل ڪئي وئي آھي، عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.