ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سن ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ مسافر ڪوچ انڊس هاءِ وي تي ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي ۾ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ علي اصغر خروس، عمران کوکر، خليل ڪانڌڙو، روبينا کوکر ۽ ٻيا شامل آهن.
پوليس جو چوڻ هو ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جن مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.