هڪ ئي وقت ٻن ڄڻن سان محبت ٿي ويندي آهي:ناديا افغن

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينئر اداڪار ناديا افغن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به شخص کي هڪ ئي وقت ٻن ماڻهن سان محبت ٿي سگهي ته پر اهي ٻئي محبتون الڳ الڳ هونديون.
ناديا افغن جي وائرل مختصر ويڊيو اداڪار کي هڪ ئي وقت ٻن ماڻهن سان محبت سميت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين طرفان محبت جي حوالي سان مرڻ واريون ڳالهيون ڪندي ڏٺو ويو.
اداڪارا تازو ئي مزاحيا شو مذاق رات ۾شريڪ ٿي هئي، جتي هن محبت سميت ٻين مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
اداڪارا چيو ته محبت ۾ مرڻ جو ڳالهيون ڪرڻ ڪوڙ ۽ بي وقوفي آهي، ڪو به ڪنهن لاءِ ناهي مرندو.
ناديا افغن جو چوڻ جو ته ڪنهن به محبت کي وسارڻ لاءِ چئن هفتن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو ماڻهو چار هفتا گذاري وٺي ته اهو محبت کان بغير به رهي سگهي ٿو ۽ پوءِ اهو ماڻهو واپس نه ڏسندو جنهن سان هن جي محبت هئي.
هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هڪ ئي وقت ٻن ماڻهن سان محبت ٿي سگهي ٿي، جيڪي ماڻهو چوندا آهن ته انهن کي هڪ ئي وقت ٻن ماڻهن سان محبت ناهي اهي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.