آسٽريليا جو ڀارت خلاف سيريز ۾ فين زونز ٺاهڻ جو اعلان

ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان بعد ڀارت جي سيريز ۾ به فين زونز ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا بارڊر گواسڪر ٽرافي جي سمورن وينيوز تي انڊين فين زونز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بارڊر گواسڪر ٽرافي لاءِ آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمون ٽيسٽ مئچن ۾ آمهون سامهون هونديون، سيريز جي سمورن پنج ئي وينيوز تي انڊين فينز لاءِ مخصوص سيٽنگ ايريا هوندو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جلد ئي فين زونز جي ٽڪيٽن جا تفصيل به شيئر ڪندي ۽ فين زونز ۾ دهول کڻي اچڻ جي اجازت هوندي.
ياد رهي ته گذريل سال باڪسنگ ڏينهن دوران ايم سي جي ٻاهريان پاڪستان فين زون ٺاهيا ويا هئا، جتي پاڪستانين جو وڏو انگ شريڪ ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.