ڀارت ۾ سياستدان اليڪشن کٽن لاءِ مذهب جو استعمال ڪندا آهن:شبانا اعظمي

بالي ووڊ جي سينئر اداڪارا شبانا اعظمي ڀارتي سياستدانن تي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ مذهب جي استعمال ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
شبانا اعظمي تازو .ي برطانوي خابرو اداري کي هڪ خصوصي انٽريو ڏنو، انٽرويو دوران اداڪارا کان اهو سوال پڇيو ويو ته اوهان کي ائين نٿو لڳي ته ڀارت هاڻي نالي جو جمهوري ملڪ رهيو آهي.
هن سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ جمهوري نظام جي خاتمي جي ڪوشش ضرور ڪئي وئي آهي پر ائين به اڃا ٿيو ناهي، ڇو ته اتان جو عام شهري محسوس ڪندو آهي ته پنهنجي آواز نٿو اٿاري سگهي ته کيس پنجن سالن بعد پنهنجي ووٽ جي ذريعي اظهار راءِ جو حق حاصل آهي.
شبانا کان هڪ سوال ڪيو ويو ته هينئر ڀارت ۾ 200 ملين مسلمان ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهن، ڇا انهن کي ائين نه پيو لڳي ته کين مذهبي حقن تي حملو ڪيو پيو وڃي؟
سوال جي جواب ۾ اداڪارا سموري دنيا ۾ خاص ڪري ڀارت ۾ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مذهب جو استعمال ڪيو ويندو آهي، مذهب جو استعمال ڪندڙ سياستدانن کي سڃاڻي انهن جو ساٿ نه ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.