اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي بيروزگار نوجوانن لاءِ سٺي خبر آهي ته وفاقي وزارتن ۽ ماتحت ادارن ۾ گريڊ هڪ کان 17 جي 1102 خالي جاين تي ڀرتي جي منظوري ڏني وئي آهي.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هر اداري لاءِ الڳ الڳ اين او سي جاري ڪري ڇڏيا.
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس اسلام آباد ۾ ميڊيڪل آفيسرز (گريڊ 17) جي 12 خالي جاين تي ڀرتي لاءِ اين او سي ڏنو ويو آهي، اهي ڀرتيون ايف پي سي ايس ذريعي ٿينديون، جڏهن ته نيشنل لائبريري ۾ گريڊ 16 ۽ 17 جون ٻه، انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ گريڊ هڪ کان 13 جون 5 ۽ بچاءَ واري ڊويزن ۾ گريڊ 4 کان 15 جون 206 ڀرتيون ڪيون وينديون.
ان کانسواءِ سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت ۾ گريڊ هڪ کان 15 جون 66، پمز اسپتال ۾ گريڊ هڪ کان 15 جون 429 (85 ريگيولر سان گڏ)، بچاءَ واري وزارت (جي ايڇ ڪيو) ۾ انفارميشن آفيسر گريڊ 17 جي هڪ ۽ گريڊ 16 جي ڪمپيوٽر آپريٽر جي هڪ ۽ فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي 77 جاين تي ڀرتي ڪئي ويندي.
پرڏيهي وزارت ۾ گريڊ 4 کان 15 جي 85، اسٽاف ويلفيئر آرگنائيزيشن ۾ گريڊ 16 جي 6، پاڪستان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ريسرچ ۾ گريڊ هڪ کان 14 جي 13 ۽ ايف آءِ اي ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي 199 خالي جاين تي ڀرتي لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سرپلس پول مان اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.
You might also like