اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي ٽيڪس نان فائلرز جون سمون بلاڪ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيون.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق حڪومت طرفان نان فائلرز جون موبائل سمون بند ڪرڻ خلاف موبائل فون ڪمپني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
چيف جسٽس موبائل فون ڪمپني جي درخواست تي 27 مئي تائين منع نامو جاري ڪيو ۽ حڪومت کي نان فائلرز جون موبائل فون سمون بند ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
واضح رهي ته نان فائلرز جون سمون بلاڪ ڪرڻ جي معاملي تي ايف بي آر ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز وچ ۾ اتفاق ٿيو آهي، جنهن تحت 10 مئي کان نان فائلرز جون سمون بلاڪ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
You might also like