ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي 16 مئي تي حڪومت خلاف احتجاجي مارچ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪنداسين.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي ڪراچي جو ڪيس سڄي پاڪستان ۾ وڙهندي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڪراچي ڏئي ٿو ۽ جماعت اسلامي فيصلو ڪيو آهي ته اسان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.
هن چيو ته حڪومت وارا فارم 47 جي بنياد تي اسان تي مڙهيا ويا آهن، هي حڪمران فيملي انٽرپرائيزز آهن ۽ هاڻي چئي رهيا آهن ته ڪڻڪ خريد نه ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ بحران اڃا حل ناهي ڪيو ويو، جاگيردارن تي ٽيڪس نٿو لڳايو وڃي، 10 کان 15 ايڪڙ جي آبادگارن تي بار نه وجهڻ گهرجي، جڏهن ته هزارين ايڪڙ زمينن وارا ٽيڪس نٿا ڏين.
You might also like