لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير منظور وٽو خاندان سوڌو پ پ ۾ شامل ٿي ويو.
پ پ ترجمان موجب منظور وٽو پ پ ۾ شموليت جو اعلان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ ڪيو.
ترجمان ٻڌايو ته خرم وٽو، روبينا شاهين وٽو، معظم وٽو، جهان آرا وٽو ۽ آمنه قصوري به پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي.
ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري وٽو فيملي کي پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار چيو، ان موقعي تي راجا پرويز اشرف، حسن مرتضيٰ، شهزاد سعيد چيما ۽ چوڌري سجاد الحسن به موجود هئا.
Prev Post
Next Post
You might also like