انساني معدي جون حيران ڪندڙ خاصيتون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انسان جو معدو هڪ مضبوط جهلي (ميمبرين) سان ڍڪيل هوندو آهي جنهن کي ميوڪس لائننگ چوندا آهن، اها جهلي معدي کي هائيڊروڪلورڪ ايسڊ کان بچائيندي آهي.

اها جهلي لاڳيتو نوان سيلز پيدا ڪندي رهندي آهي جيڪي پراڻن سيلز جي جاءِ وٺندا آهن ۽ اهو عمل ٿيندو رهندو آهي.

هائيڊروڪلورڪ ايسڊ واقعي طاقتور هوندو آهي ۽ هي پروٽينز کي ٽورڻ ۽ جيوڙن کي مارڻ ۾ مدد ڪندو آهي پر هي ايسڊ معدي جي ڀت کي نقصان ناهي پهچائيندو ڇو ته ميوڪس لائننگ ان کي محفوظ رکندي آهي، جيڪڏهن اها جهلي نه هجي ته هائيڊرو ڪلورڪ ايسڊ معدي جي ڀت کي نقصان پهچائي ها.

انساني جسم جون اهي خاصيتون واقعي حيران ڪندڙ آهن، اسان کي پنهنجي خالق جي قدرت جو احساس ڏيارين ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.