ڀولو ٽن ڄڻن جي موت جو ڪارڻ بڻجي ويو!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڀولو اوچتو روڊ تي اچڻ سبب ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست ۾ مراد آباد علي ڳڙهه نيشنل هاءِ وي تي هڪ گاڏي ان وقت پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهي، جڏهن ڀولو سامهون اچي ويو.
ڀولي کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ گاڏي بي قابو ٿي وئي ۽ ٽئنڪر سان ٽڪرائجي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
فوتين جي سڃاڻپ بئنڪ مئنيجر سورب شري واستو، ڪيشيئر ديويا نشواور ۽ اميت جي نالن سان ٿي.
ان افسوسناڪ حادثي ۾ ٻه ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته اميت نالي شخص اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.