اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر 5 لک 70 هزار کان وڌيڪ نان فائلرز تي اڍائي سيڪڙو بدران 90 سيڪڙو واڌو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب تازي انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر ذريعي جن 5 لک 70 هزار کان وڌيڪ نان فائرلز جن فهرستون جاري ڪيون ويون آهن، انهن تي انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ تائين 90 سيڪڙو واڌو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
پري پيڊ ۽ پوست پيڊ نان فائلرز طرفان لوڊ ڪيل بيلنس مان پاڻمرادو سسٽم ذريعي 90 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ ڪٽوتي ڪري ايف بي آر کي جمع ڪرائي ويندي.
جيڪڏهن ڪو واهپيدار سئو رپين جو بيلنس لوڊ ڪندو ته ان مان 90 رپيا ايف بي آر ڏانهن هليا ويندا.
جيڪڏهن موبائل فون ڪمپنين طرفان انهن نان فائلرز جون سمون بلاڪ ڪرڻ باوجود به انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرايا ويندا ته ان صورت ۾ جيڪڏهن ڪو ٻي موبائل فون سم ڪڍرائي استعمال ڪندو ته ان تي به 90 سيڪڙو واڌو ٽيڪس ڏيڻو پوندو.
نان فائلرز جي هر ڀيري لوڊ ڪرائڻ تي واڌو ٽيڪس، موبائل ۽ ڊيٽا لوڊ تي به واڌو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، نان فائلرز جون سمون بند ڪرائڻ جي ڊيٽا اڳ ئي پي ٽي اي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنين حوالي ڪئي وئي آهي.
You might also like