پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي آئرلينڊ خلاف مئچ ۾ پاڪستاني بيٽرز فخر زمان ۽ محمد رضوان جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته اسان کي آئرلينڊ خلاف اهڙي ئي ڪاميابي جي ضرورت هئي، جنهن ريت رضوان ۽ فخر کيڏيا کين شاباش ڏجي.
هن ٽيم کي هدايت ڏيندي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته اسان کي ورلڊ ڪپ ۾ به اهڙي ئي مائنڊ سيٽ جي ضرورت آهي، گهڻن بيٽرن
اهڙي اسٽرائيڪ ريٽ سان کيڏڻو آهي.
ٻئي طرف شاهد آفريدي قومي فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي 300 وڪيٽون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.
Next Post
You might also like